بچل شاهه مياڻي وارو

بچل شاهه مياڻي وارو: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ شهر مانجهند، ضلعي دادوءَ (موجوده ڄامشوري) ۾ ٿي. هيءُ ڪافي گو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن. روهڙيءَ واري محمد محسن ”بيڪس“ جو همعصر هو. بيڪس جي والد بيدل سان به سندس رهاڻ هوندي هئي. ننڍي هوندي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙي سبب پارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهه تعليم حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ سيٺ نهالچند جو مانجهند ۾ ويدانت جو گهڻو زور هو، ڪيترائي فقير ۽ درويش وٽس ايندا هئا. هڪ ڀيري پرمهنس نالي هڪ سنت وٽس اچي رهيو، جيڪو جليانوالا جي رهواسي سنت گلابداس جو شاگرد هو. بچل شاهه اُن درويشن جي صحبت جو پياسي هو. هو کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو شهر ڇڏي وڃي جهنگ ۾ رهيو. انهيءَ دوران سير سفر جو شوق جاڳيس. هند ۽ سنڌ جو سفر ڪندي وڃي ڪشمير کان نڪتو، پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر ۾ آيو ۽ اُن سرزمين کي پريم نگر ۽ حيات نگر جا نالا ڏنائين. مسلمانن سان گڏ هندو به وڏي تعداد ۾ وٽس اچڻ لڳا ۽ وٽس سماع جون محفلون ٿيڻ لڳيون. خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ لبِ تاريخ جي مصنف خداداد خان جي ساڻس بيحد عقيدت هئي. ان کان علاوه سندس صحبتن ۾ جان الله شاهه ٽيون، حضرت بيدل جو مرشد به شامل هوندو هو. هندن مان ولايت راءِ ۽ سندس شاگرد جيوت سنگهه سان سندس گهڻو پريم هو. بچل شاهه وحدت الوجود جو قائل هو. بچل شاهه 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي سکر بئراج لڳ بچل شاهه مياڻي ڳوٺ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1807.00.00  عيسوي

بچل شاهه: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي . سندس ولادت 1807ع ۾ شهر مانجهند ، ضلعي دادوءَ ( موجوده ڄامشوري )


1906.05.03  عيسوي

. بچل شاهه وحدت الوجود جو قائل هو . بچل شاهه 3 مئي 1906ع تي 100 سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي . سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي سکر بئراج لڳ بچل شاهه مياڻي ڳوٺ ۾ آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندر گپت موريا
صلاح الدين شاهه
خدابخش قاضي مورائي
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه
ابو جعفر طوسي رح
عبدالفتاح عابد لاشاري
شهناز شيخ
پرمانند ميوارام
آسڪو پارپولا
قادر بخش ڀٽي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون